سنڌ سڌار

سنڌ سڌار (اخبار): هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين سنڌي اخبار هئي، جيڪا 1866ع ڌاري انگريزن جي زماني ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ ڪراچيءَ مان شايع ٿي. هيءَ هفتيوار اخبار هئي. اخبار کاتي جي پريس مان ليٿو تي ڇاپي ويندي هئي. اخبار ۾ تعليم ۽ اسڪولن جون خبرون پهرين ترجيح تي شايع ڪيون وينديون هيون. ’سنڌ سڌار‘ جو پهريون ايڊيٽر سنڌ جو نامور اديب ۽ تعليمي ماهر مسٽر نارائڻ جڳن ناٿ وديا ٿيو. نارائڻ جڳن ناٿ ان وقت تعليم کاتي ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر هو. هن جي سرڪردگيءَ ۾ اخبار ابتدا ۾ ئي چڱـي مقبوليـت حاصل ڪـري ورتـي. ان کان پوءِ مرزا صادق علي بيگ ۽ ساڌو هيرانند هن اخبار جا ايڊيٽر ٿيا. 1884ع ۾ ساڌو هيرانند ’سنڌ ٽائمز‘ جو به ايڊيٽر رهيو هو. هيءَ اخبار پهرين مڪمل سنڌي اخبار هئي. سرڪاري سرپرستيءَ سبب ڪافي معياري هئي. هن اخبار سنڌ جي تعليمي مقصدن لاءِ جوڳيون خدمتون ادا ڪيون. ٻولي ۽ ادب لاءِ به اخبار جو ڪردار ڪارگر رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ اخبار جا حق ۽ واسطا حڪومت پاران ’سنڌ سڀا‘ نالي انجمن کي ڏنا ويا. سنڌ سڀا سان به حڪومت، اخبار ۾ تعليمي خبرن کي اوليت ڏئي ڇاپڻ جو شرط رکيو. ان ڪري اخبار ۾ اسڪولن، تعليم جون خبرون پهرين ترجيح تي شايع ڪيون وينديون هيون، جيئن عام ماڻهن ۾ تعليم جو شعور اجاڳر ٿئي. ’سنڌ سڀا‘ جون خدمتون پڻ سماجي، ادبي، سياسي وايومنڊل ۾ تحسين جوڳو ڪم آهي. ’سنڌ سڀا‘ ڪراچيءَ ۾ سنڌي هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي گڏيل سياسي، ثقافتي، جماعت هئي. انگريزي اخبار ’ٽائمز‘ به هن ئي جماعت طرفان جاري ٿيندي هئي. هن جماعت ’سنڌ سڌاراخبار کي به اوج ڏياريو ۽ معياري مواد جي لحاظ کان اخبار جو نالو روشن ڪيو. هيءَ اخبار ڪيتروئي عرصو نڪرندي رهي. اخبار جو ساليانو چندو ڪراچيءَ ۾ رهندڙن لاءِ ٽي روپيا، جڏهن ته باقي ٻاهرين شهرن جي رهندڙن لاءِ چار روپيا هو.


لفظ سنڌ سڌارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو